اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان کڻي گڏيل عرب امار??ت مان وڌيڪ 4 اڏامون گذريل ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي په??ي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي امدادي سامان سان ڀريل ٻه اڏامون ڪراچي ۾ لٿيون. سومر جي رات يو اين ايڇ سي آر جون 6 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. ٻيون ٻه اڏامون گڏيل عرب امار??ت مان امدادي سامان کڻي آيون آهن. هيستائين ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امار??ت مان 37 اڏامون پاڪستان آيون آهن. ترجمان ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪئي آهي.