ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي، ته پاڪستان ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي ره??و آهي، پاڪستان کي فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن گهڙي ۾ فراخدلي سا?? پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سا?? گڏ ميڊيا سا?? ڳالهائيندي ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي، دنيا جي ڪنهن به آفت دوران ايتري تباهي نه ڏٺي، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چ??و ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن. اهڙي صورتحال سبب پاڪستان ۾ انساني الميو جنم وٺي ره??و آهي. هن چ??و ته موسمياتي تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آهي. پاڪستان ٻين ملڪن جي قدمن جي قيمت چڪائي ره??و آهي. ڪاربن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آهي، ترقياتي ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، صنعتي ملڪن کي بدترين ڪاربن جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، اڄ پاڪستان موسمياتي تبديلي جو شڪار آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪريٽري جنرل چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي لکين ماڻهن جي بحالي لاءِ فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي. هن چ??و ته ترقي يافته ملڪن کي سنجيدگي سا?? هن ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته آفت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪهڙي طرح ڪئي وڃي. کين پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا??ِ مدد لاءِ نئون طريقو جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري تيزي سا?? پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌندي. هن چ??و ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت امدادي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي وڌي مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آهي. هن دوري سا?? عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ڀرپور مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. هن چ??و ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.