اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف لسٻيلا بلوچستان هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد جي گهر ويو، شهيد جي لاءِ فاحه خواني ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وز??ر خو??جه آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب پڻ وز??راعظم سان گڏ هئا. وز??راعظم ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن هن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جنگ هجي يا ڪا قدرتي آفت، پاڪ فوج جا جو??ن ۽ آفيسر سدائين قوم جا محافظ بڻجي ميدان ۾ لٿا آهن. وز??راعظم چيو ته مون سميت پوري قوم پنهنجي شهيدن جي انهن قربانين تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وز??راعظم ان کان اڳ 14 آگسٽ تي ميجر طلحيٰ منان شهيد جي گهر سندس گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ پڻ ويو هو.