حيدرآ??اد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آزادي ڏهاڙو اڄ 14 آگسٽ تي ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويندو، ملڪ جي ٻين شهرن وانگر حيدرآ??اد ۾ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهر ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جهنڊن جي بهار آهي جڏهن ته نوجو??ن ۽ ٻارن جو جوش ڏسڻ جهڙو آهي، ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي حيدرآ??اد ۾ پرچم ڪشائي جي مرڪزي تقر??ب صبح 7 لڳي 45 منٽن تي ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآ??اد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآ??اد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآ??اد فواد غفار سومرو سميت صوبائي ۽ وفاقي ادارن جا اعليٰ آفيسر، ملازم ۽ شهري به شرڪت ڪندا، جشن آزادي جي سلسلي ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ اڳ کان ئي تقريبن جو سلسلو شرو?? ٿي ويو آهي.