آفتاب ظهور/عدنان کوکر
ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??ت جو غيرقانوني ۽ غاصباڻو قبضو مهذب قومن، عالمي امن ۽ انساني حقن جي دعويدارن جي چهري تي هڪ بدنام داغ آهي جڏهن ته عالمي طاقتن ۽ بااثر ملڪن جي ٻٽي ڪردار ڀا???? جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين ۽ بيگناهه شهرين تي ظلم ڪرڻ جو رستو هموار ڪيو آهي. ڀا??تي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ نوجوانن جو عدالت کان مٿانهي قتل، شهرين جي گرفتاري، تشدد، عورتن جي بي حرمتي، شيرخوار ٻارن کي پيلٽ گنز سان شهيد ڪرڻ معمول بڻائي ڇڏيو آهي. ڀا??ت کي گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ بدران عالمي برادري جي خاموش ڀا??ت کي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ملتوي ڪري ڪشميرين کي محڪوم بڻائڻ جي پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي ترغيب ڏني آهي.
ڀار?? جي حڪمران ڀا??تيا جنتا پارٽي (بي جي پي) آرٽيڪل 370 کي ملتوي ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي شهريت، جائيداد جي ملڪيت ۽ رهائش جي بنيادي حقن جي خصوصي حق کي غضب ڪري ورتو، ان قانون تحت ڀا??تي شهري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جائيداد خريد نه ڪري سگهندا هئا ۽ ڀا???? جي مرڪزي حڪومت وٽ خطي ۾ مالياتي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ جو ڪو اختيار نه هو. بي جي پي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي به ختم ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪشمير جي مقننه کي اهو فيصلو ڪرڻ جو مڪمل صوابديدي اختيار ڏئي رکيو هو ته ڪير رياست جو مستقل رهائشي ٿي سگهي ٿو. آڪٽوبر 1947ع ۾ ڪشمير تي قبضي کانپوءِ ڀا??ت پاران اهڙين ڪاررواين جي ڊگهي ۽ خوفناڪ تاريخ آهي. مها راجا هري سنگهه نام نهاد الحاق تي صحيحون ڪيون، جنهن کانپوءِ ڀا??ت پرڏيهي، دفاع ۽ مواصلات ڀا??تي حڪومت کي منتقل ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. شيخ عبدالله وزيراعظم جي طور تي مقرري کانپوءِ ڀا??تي حڪومت سان ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 1954ع ۾ آرٽيڪل 370 ۽ ان کانپوءِ آرٽيڪل 35 اي کي ڀا??تي آئين ۾ شامل ڪيو ويو. ننڍي کنڊ جي ورڇ جي فارمولي تحت هندو اڪثريتي علائقا ڀا??ت جڏهن ته مسلم اڪثريتي علائقا پاڪستان سان شامل ٿيڻا هئا پر مها راجا هري سنگهه ڪشميري عوام جي مرضي جي خلاف ڀا??ت سان الحاق ڪرڻ جو فيصلو ڪندي مقامي آبادي کي پنهنجي فيصلي جي خلاف اٿي بيهن تي مجبور ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀا??ت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ ان وق?? جي ڀا??تي وزيراعظم جواهر لال نهرو ڪشمير تڪرار گڏيل قومن ۾ کڻي ويو جتي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ قراردادون منظور ڪيون ويون. اها جواهر لال نهرو جي بيان ڪيل پاليسي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪو تڪرار ٿيو ته ان معاملي جو فيصلو راءِ شماري جي ذريعي ڪرڻ گهرجي. هن اهو چيو هو ته اسان اهڙي طرح جي ڪنهن به ريفرنڊم جي نتيجي کي قبول ڪنداسين. ڪشمير بابت نه ته نهرو ۽ نه ئي ٻين ڀا??تي ليڊرن ان اصول جو احترام نه ڪيو ۽ انهن ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائڻ کان سدائين پاسو ڪيو.
ڪشمير جي ماڻهن ڊگهي عرصي تائين راءِ شماري جو انتظار ڪيو پر ڀا??ت پاران مسلسل انڪار کانپوءِ انهن مقامي سطح تي جدوجهد شر??ع ڪئي پر ڀا??ت انهن جي جائز خودمختياري جي مطالبي تي ڌيان ڏيڻ بدران لکين فوجين کي علائقي ۾ مقرر ڪري ڇڏيو. ناليواري ڪشميري اڳواڻن ۽ هزارين عام شهرين کي جيلن ۾ وڌو ويو ۽ وڏي انگ ۾ نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو ويو. پاڪستان سدائين ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون به ٿيون پر جڏهن به ڳالهه ٻولهه ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي ته ڀا??تي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول تي اشتعال انگيز گولاباري يا پاڪستان جي اندر ٻيون سازشون ڪيون ويون. لائين آف ڪنٽرول تي 2003ع ۾ جنگبندي جو معاهدو طئي ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه عرصي جي لاءِ لائين آف ڪنٽرول تي عارضي طور تي ڇڪتاڻ گهٽ ٿي هئي. 2005ع ۾ سري نگر ۽ مظفرآباد جي وچ ۾ بس سروس شروع ٿي ۽ خطي ۾ زلزلي کانپوءِ ٻنهي طرفن واپار جي لاءِ رستن جي نشاندهي ڪندي ڪنٽرول لائين جي آرپار سامان جي چرپر جي اجازت ڏني وئي. ان اڳڀرائي جي باوجود ڀا??تي فوج جي ڪنٽرول لائين تي اشتعال انگيز گولاباري ۽ ٻين منفي ڪاررواين جو سلسلو جاري رهيو. ڀا??ت ۾ 2014ع جي چونڊن ۾ ڀا??تيا جنتا پارٽي جي ڪاميابي کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ بي جي پي هندوتوا ايجنڊا تي عمل شر??ع ڪيو جڏهن ته ڀا???? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري اڳواڻن ۽ آزادي جي تحري?? جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، 2016ع ۾ نوجوان ڪشميري اڳواڻ برهان واني جي شهادت آزادي جي تحريڪ کي وڌيڪ سگهه ڏني. تازن سالن دوران بي جي پي ۽ ڀا??تي فوج ڪشميرين جي خلاف وڏي پئماني تي آپريشن ۽ رياستي دهشتگردي جو سلسلو شر??ع ڪري رکيو آهي. تاريخ تي نظر وجهڻ سان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڀا??ت سدائين ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائڻ جي لاءِ مختلف حربن جو سهارو ورتو آهي ۽ ان سلسلي جو تازو مثال 2019ع ۾ ڪنٽرول لائين جي پار پاڪستاني فضائي حدن ۾ ڀا??تي ويڙهاڪ جهازن جي دراندازي هئي. فيبروري 2019ع ۾ ڀا???? جي ان فضائي مهم جوئي دوران پاڪستان ڀا??تي فضائيه جي ٻن ويڙهاڪ جهازن کي ڪيرايو ۽ ان جي ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي گرفتار ڪيو جنهن کانپوءِ پاڪستان خيرسگالي جذبي طور تي آزاد ڪيو ويو هو. ان واقعي جي ڪجهه عرصي کانپوءِ بي جي پي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀا???? جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ هن ڀيري ان سمورن سفا??تي ۽ جمهوري اصولن کي مٿانهون رکندي انهن آئيني شقن کي ملتوي ڪري ڇڏيو جن والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. ڪسمير جو تڪرار اڃا تائين گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود آهي پر عالمي ضمير مسلسل اگهور ننڊ ۾ پيل آهي جنهن سان ڪشميري عوام کي ڀا???? جي رياستي دهشتگردي درپيش آهي. اي پي پي سنڌي سروس جي ٿورن سان.