اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پا??ستان جي آئين ۾ هر قسم جي مذهبي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، شخصي آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪڏهن بنيادي انساني حق ۽ آزادي سلب ڪيا وڃن ته عوام بي چين ٿي ويندو آهي، جنهن سان ماحول ۾ خراب ٿي ويندو آهي، قومي ترقي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري به متاثر ٿيندي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلامڪ يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ اسلامي واڌ ۽ جامعيت جي موضوع تي ٿيندڙ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر چيو ته پا??ستان انتهائي محبت ڪندڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، ٻاهرين ملڪ مان جيڪو به ماڻهو پا??ستان ايندو آهي اهو پا??ستان جي ثقافت، ڪلچر ۽ مهمانوازي مان متاثر ٿيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهي. پا??ستاني قوم انتهائي ملڻي ۽ خوش اخلاق آهي، پا??ستان ۾ مختلف مذهب ۽ نظرين سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهندا آهن، اسپيڪر چيو ته پا??ستان ۾ مختلف مذهبن وارا گڏيل احترام ۽ هم آهنگي سان گڏجي پرامن انداز ۾ رهي رهيا آهن، انهن جو هڪ زنده مثال اڃان به اسان ۾ موجود آهي، اسان جي هن تقريب جي ميزبان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر آسيه ناصر صاحب جو تعلق پا??ستان جي مشهور مذهبي سياسي جماعت جمعيت علماءُ اسلام سان آهي، آسيه ناصر صاحبه حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي دين جي پيروڪار آهي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ??ا ته مثبت سوچ رکڻ وارا ماڻهو ??نهنجي پنهنجي مذهب سان تعلق رکندي به گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا، پا??ستان جي جهنڊي جو رنگ سائو ۽ اڇو آهي، سائو رنگ ان ڳالهه جي علامت آهي ته پا??ستان جي اڪثريت اسلام سان تعلق رکندي آهي، پا??ستاني جهنڊي جو اڇو رنگ امن ۽ ڀائيچاري جي علامت آهي، اڇو رنگ پا??ستان ۾ رهندڙ قليتي طبقي جي نمائندگي ڪندو آهي، هن چيو ته آئون توهان جو ڌيان ان حقيقت طرف ڏيارڻ چاهيان ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ مسيحي برادري تحريڪ پا??ستان جو ساٿ ڏنو هو، مثال طور پنجاب اسيمبلي مسيحي ميمبرن قائداعظم محمد علي جناح جي چوڻ تي پا??ستان ۾ حق ۾ ووٽ ڏنو هو، جيڪڏهن ان و??ت هو خدا نه ڪري ڀارت جي حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏين ها ته پنجاب جي حوالي سان مسلم ليگ مشڪل جو شڪار ٿي سگهي پئي، پا??ستاني حڪومت ۽ پا??ستاني عوام ان تاريخي تعاون جي ڪري مسيحي برادري کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي?? دنيا ۾ جتي به قومن ترقي ڪئي آهي انهن سڀني جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تي عمل ڪيو آهي، اتي شخصي ۽ مذهبي طور تي مڪمل آزاديون ڏنيون ويون آهن، پا??ستان جي آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بنيادي انساني حقن ۽ آزادي کي آئيني تحفظ ڏنو آهي، اسان جو آئين ملڪ جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ اقليتن جي حقن جو محافظ آهي، اسان کي گڏجي پا??ستان کي ترقي ڏيڻي آهي، اسان کي پا??ستان جي ماحول کي بهتر کان بهتر ڪندي امن ۽ سلامتي جو گهوارو بڻائڻو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون کي اميد آهي ته ايف او آر بي ۽ تحقيقات اسلامي ادارو ملڪ ۾ امن، سڪون ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سدائين سرگرم رهندو.