اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿيو ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، اڄ سڄي ملڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پيپلز پارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي ??ان گڏ صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته ا??ان نٿا چاهيون هڪ تڪراري اليڪشن ٻيهر ٿئي، چاهيون ٿا ليول پليئنگ فيلڊ هجي، ا??ان بار بار واضح ڪيو آهي ته چونڊ سڌارا هجڻ ??هر??ن، اسانکي ??هو قابل قبول نه ٿيندو ته سڌارن کانسواءِ ايندڙ چونڊن لاءِ وڃون، گڏجي ويهي چونڊ سڌارا ڪريون، چونڊ قانونن ۾ ترميم ڪري ا??ان اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ پڻ اربع تي کلواڙ ڪيو ويو، آئيني حقن کي ??لب نه ڪيو وڃي، ان رواج کي هٿي نه ڏنو وڃي. شيري رحمان چيو ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿيو ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، پنجن ڏينهن کان سڄو ملڪ معطل آهي، پاڪستان جي آئين کي ??نصاف ??هر??ي، اهو عوام جو ڪيس آهي، سڄي ملڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. هن چيو ته ڇا اسانجا سمورا ايم اين ايز غدار آهن ان حوالي ??ان اسانکي ٻڌايو وڃي، ثبوت کڻي اچو ا??ان پڻ ڏسنداسين ته ڪير غدار آهي، تحريڪ انصاف اڳ ۾ ئي حق ۽ انصاف جو دامن ڇڏي ڏنو هو. ان موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پنجون ڏينهن آهي اسانجو ملڪ آئين کانسواءِ هلي رهيو آهي، ا??ان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻ مرادو نوٽس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کي قبول ڪيو آهي، اسانجي ڪوشش هئي ته فل ڪورٽ بينچ بڻائي وڃي. هن چيو ته 176 پارليمينٽيرين تي غداري جو الزام لڳايو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته غدار ڪ??ر آهي