اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ي??ني??رسٽين جي ذريعي اعليٰ معيار جي گريجوئيٽس ۽ انتهائي هنر مند ورڪ فورس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ي??ني??رسٽين کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) تي ڌيان ڏيندي پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ گهرجي ته جيئن چوٿي صنعتي انقلاب جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ (GIKI) آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ پروفيسر ڊاڪٽر فضل احمد خالد بريفنگ ڏني. صدر سوسائٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي فريد رحمان، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ صدر کي انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعليم جي فراهمي ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڪردار ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته هن وقت 2366 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آه?? ۽ هن وقت تائين 6852 شاگرد ي??ني??رسٽي مان پاس ٿي چڪا آه??، هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انسٽيٽيوٽ جي 75 سي??ڙو فيڪلٽي اعليٰ درجي جي قومي ۽ عالمي ي??ني??رسٽين جي پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊرز تي مشتمل آه??، هن وڌيڪ چيو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ 2021ع ۾ 290 ملين روپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي هئي ته جيئن مستحق شاگردن کي وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ي??ني??رسٽي جي انتظاميه کي چيو ته صنعتي رابطا ۽ عالمي ي??ني??رسٽين سان تعاون کي فروغ ڏنو وڃي ته جئين انهن جي مهارت مان فائدو کڻي سگهجي. هن چيو ته ي??ني??رسٽي کي پنهنجي عالمي مشاورتي بورڊ کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ آن لائين تعليمي جزو جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آه??، صدر ي??ني??رسٽي کي چيو ته هو خصوصي شاگردن جي باري ۾ ايڇ اي سي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائي جيڪا کين ٽيوشن فيس هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس جي مڪمل ڇوٽ کانسواءِ ي??ني??رسٽي ۾ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي ملازمت ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪندي آه??. هن ي??ني??رسٽي تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ويزن کي اپ ڊيٽ ڪري ۽ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽائيم لائين طئي ڪري. هن چيو ته ي??ني??رسٽين کي مصنوعتي ذهانت تي ڌيان ڏئي سائبر سي??يورٽي جي شعبي ۾ مهارت جي فروغ جي ذريعي ملڪ جي ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آه??.