اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو شعبو چئلينجن سان ڀرپور آهي ۽ اسان جي نوجوانن کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو، ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي ??ستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مهارت سان ليس نوجوانن جي ??رورت آهي، حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهي آهي ۽ نوجوانن کي هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڊي جي ??سڪلز ۽ ڪامياب جوان تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن اهي نوجوان اسان جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي ??ينٽر فار آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ??هتمام هيٺ آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ تحقيق مان ڀرپور فائدو کڻندڙ قومون ئي ترقي جون منزلون تيزي سا?? طئي ڪري سگهن ٿيون، اسان جي ??ڀ کان وڏي ڪاميابي معلومات جو صح??ح ۽ وقت سر استعمال ۽ شين جي ??ڳواٽ سڃاڻپ ۾ آهي. صدر ٽيڪنالاجي ??يڪسپو ۽ اسٽارٽ اپ چلينج ۾ پاڪستاني محققن ۽ شاگردن جي مصنوعي ذهانت تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته انهن مصنوعات ۾ اسان جي معاشري ۽ صنعت کي درپيش چئلينجز جو جديد طريقن سان احاطو ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي، ان صنعت تي ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي ??ءِ ٽي جو روانگي واپار 2.12 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، ان سان گڏوگڏ حڪومت نوجوانن کي هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڊي جي ??سڪلز ۽ ڪامياب جوان تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن اهي نوجوان اسان جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع جهڙا قدم ملڪ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙن ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ ۽ ڊيٽا ايناليسز کي ترقي ڏيڻ جي ??لاحيت رکن ٿا. صدر آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع ۾ شاگردن، محققن کي ساراهيو ۽ ايڪسپو ۾ انعام ۽ اعزاز ڏيندڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته کيس يقين آهي ته اهڙي طرح جي پروگرامن ۽ قدمن سان نسٽ جو سينٽر فار آرٽيفيشل انٽيلجنس ملڪ جي مصنوعي ذهانت جي ??رويج جي ??والي سان اولين سينٽر جو اعزاز حاصل ڪندو. صدر چيو ته کيس يقين آهي ته سينٽر علم تي ٻڌل معيشت جوڙڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪندو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ??نياد تي مستقبل ۾ تمام وڏيون تبديليون اچڻ جو امڪان آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته اسان جا نوجوان ان ۾ مهارت ۽ تجربو حاصل ڪري ملڪ جي ??دمت ڪن ڇو ته ٽيڪنالاجي ??و انساني زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو شعبو چئلينجز سان ڀرپور آهي، اسان جي نوجوانن کي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو.