اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل سان جرمن سفير برن هارڊ ش??يگ هيڪ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افعانستان سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شهباز گل جرمن سفير کي وزيراعظم عمران خان جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪس??ان??ن جي ووٽ جي طريقيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊاڪٽر شهباز گل جرمن سفير کي احتساب جي عمل ۽ گڊ گورننس بابت پڻ آگاهه ڪيو. جرمن سفير وزيراعظم جي ويزن ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو. جرمن سفير برن هارڊ ش??يگ هيڪ ملاقات لاءِ آيو. افغانستان جي صورتحال، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تي ج??ري ڊي??لپ??ينٽ پراجيڪٽس، ووٽنگ مشين، سمنڊ پار پاڪس??ان??ن جي ووٽ جي طريقيڪار ۽ ٻين اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. احتساب ۽ گڊ گورننس جا موضوع پڻ بحث هيٺ رهيا.