اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪي ۾ منعقد انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي اقتصادي سهڪار تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل هادي سليمان پور سان غير رسمي مل??قا?? ڪئي. مل??قا?? دوران اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان جي متحرڪ ڪردار، اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي مع??ملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان علائقائي اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جي فريم ورڪ جي روشني ۾ ميمبر ملڪن سان گڏيل واپار، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻي??ن ڪوشش??ن ڪتب آڻي رهيو آهي.