اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ راءِ ڏيڻ جو جمهوري حق استعمال ڪري ره?? آهي، انهن جو جذبو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته اهي تبد??لي جا خواهشمند آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان هڪ ڏهاڪي کان انهن ت?? مڙهيل نااهل ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندي ڇو ته ان ٽولي جي ترجيح ڪڏهن به عوام جي ڀلائي ناهي ره??.