اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آ??ريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ??لا??ن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 808 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 34 ماڻهو ان وائرس سب?? فوت ٿيا جنهن مان 33 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سب?? فوت ٿيو. گذريل 24 ??لا??ن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 686 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 146، پنجاب ۾ 13 هزار 545، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 303، اسلام آباد ۾ 6 ??زار 879 ، بلوچستان ۾ 482 ، گلگت بلتستان ۾ 345، آزاد ڪشمير ۾ 986 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 849 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 856 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 189 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعد??د 22 هزار 88 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سب?? متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 49 هزار 992 آهي.