اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي صدر اشرف غني سان ٽيليفون تي رابطو ڪري افغان امن عمل ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعظم ا??غان امن عمل ج?? لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت کي ورجايو ۽ چيو ته انهن ڪوششن سان آمريڪا طالبان امن معاهدو ۽ بين الافغان ڳالهيون ??رو?? ٿيڻ جي صورت ۾ مثبت نتيجا نڪتا آهن.