ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن، بحالي ??ي قدمن، صوبي ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ۽ ازالي ??ي حوالي ??ان ??دمن ۽ بلوچستان ۾ جاري ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي ??ان ??دمن جو جائزي اجلاس جمعي ڏينهن هتي منعقد ٿيو، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي ??و ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، صوبائي وزير، اين ڊي ايم اين اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب بلوچستان جي چيف سيڪريٽري ??وبي جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن جي صورتحال، جاني ۽ مالي نقصانن، انفراسٽرڪچر جي بحالي، عوام جي طبي سهولتن، راشن جي فراهمي ۽ رليف سرگرمين جي حوالي ??ان ??دمن تي بريفنگ ڏني.