اسلام آباد – 09 سيپ??مب?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سڀئي صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، موجوده حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام مظلوم ۽ مع??وم ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، عالمي برادري جي خاموشي اسان کي ترغيب ڏي ٿي ته ڪشميرين جي لاءِ جيڪو به ڪرڻو آهي اهو اسان کي ڪ??ڻو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي سطح تي ڪ??مير مسئلي کي بهترين انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.