اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر ??بر??هيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ڪري درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان مالديو پاران ڪوورنا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سميت سياحت جي شعبي جي بح??لي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تا??ي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حو??لي سان پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين جي تحفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي بح??لي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وزيراعظم عمران خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊيٽ رليف جي حو??لي سان مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪيو جيڪو اسرندڙ ??لڪن ۾ ڪورونا وبا جي سخت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ??لڪن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪورونا وبا کان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ??لڪن ۾ خاص قدمن جي ضرورت آهي.