اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت پهرين سال وکريل معيشت کي گڏ ڪيو پوءِ غريبن جو احساس ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هاڻي بدلجندڙ عالمي صورتحال ۽ ڪورونا سان مقابلي جي باوجود مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس جي لاءِ ايترو وڏو پئڪيج ظاهر ٿو ??ه وزيراعظم عمران خان جي دل عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي.