اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن العزيز الفالح پاڪ –; سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو آھي ته تازي دوري دو??ان ٻنھي ملڪن جي واپاري وفدن وچ ۾ ملاقاتون اثرائتون ثابت ٿيون آھن. جمعي تي منعقد ٿ??ل فورم جي موقعي تي خيالن جو اظھار ڪندي سعودي وزير چيو ته اھو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائراڻن ناتن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجندو. ھن چيو ته تازي دوري دو??ان پاڪستان سان ڪيترن ئي معاھدن ۽ مفاھمت جي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون آھن، جن سان ٻنھي برادر ملڪن جي اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي ھٿي ملندي.