اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ س??ڙپ??اري جا و??يع موقعا موجود آهن ۽ يو اي ا?? جي س??ڙپ??ارن کي پاڪستان ۾ س??ڙپ??ار?? جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گه??جي. هن اها ڳالهه گڏيل عرب امارتن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي چيئرمين احمد جاسم الزابي سان ملاقات ۾ ڪئي. احمد جاسم الزابي ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ابوظهبي، ڊيپارٽمنٽ آف اڪنامڪ ڊولپمنٽ جو چيئرمين به آهي. پاڪستان جي سفير احمد جاسم الزاب?? جي مقرري تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي اقدمن ۽ ابوظهبي چيمبر جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. ملاقات دوران ڌرين گڏيل عرب امارات جي چيمبرز ۽ پاڪستان جي چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽري وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ ٻطرفي واپار لاءِ گڏيل ڪاروباري منصوبن جي شروعات تي ڳالهه ڪئي. پاڪستان جي سفير، احمد جاسم الزابي کي پاڪستان ۾ س??ڙپ??ار?? جي طريقي ڪار ۽ پرڏيهي س??ڙپ??ارن لاءِ حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ س??ڙپ??اري جا و??يع موقعا موجود آهن ۽ يو اي ا?? جي س??ڙپ??ارن کي پاڪستان ۾ س??ڙپ??ار?? جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گه??جي. سفير، گڏيل عرب امارات جي چيمبرز جي ڪاروباري وفد کي پاڪستان جي دور?? جي دعوت به ڏني. ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۾ اضافي، واپاري سهولتن جي فراهمي ڪاروباري لاڳاپن جي قيام، اور جي آءِ ٽيڪس ۽ ٽيڪسپور جهڙي واپاري نمائشن ۾ شرڪت تي به اتفاق ڪيو.