اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وياج جي شرح کي وڌيڪ معقول بڻائي ڪار??با?? جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ، گهٽ لاڳت توا??ائ?? جي فرا??مي ۽ برآمدات تي ٻڌل صنعتن جي فروغ تي زور ڏنو آهي، هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کانسواءِ اهڙين صنعتن تي ڌيان ڏي جيڪي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪار??با??ي ادارن کي سپورٽ ۽ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ 12 هين فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز اينڊ ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) ايڪسيلينس ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ واپاري برادري جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر ??يو ته بلند وياج جي شرح ملڪي معيشت ۽ ڪار??با?? جي لاءِ فائديمند نه آهي. هن ??يو ته هو حڪومت کي چوندو ته اها ڪار??با??ي سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ريٽ گهٽ ڪرڻ تي غور ڪري. هن ??يو ته ملڪ کي معاشي چئلينجز مان ڪڍڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. پنهنجي اڳوڻي حڪومت جي دور جو ذڪر ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سيڪيورٽي چئلينجز ۽ ده??تگ??دي جي خلاف جنگ جي باوجود برآمدات تي ٻڌل صنعتن کي سپورٽ ڪرڻ ۽ گهٽ لاڳت توا??ائ?? فراهم ڪرڻ جي انهن جي اقتصادي پاليسي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي جو سبب بڻي. صدر ??يو ته واپار ۽ صنعت جي فروغ ۾ مدد جي لاءِ سستي بجلي، زمين ۽ ٻين سهولتن جي فرا??مي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها ملڪ جي معاشي تبديلي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي. صدر صحتمند چٽاڀيٽي جي حوصلا افزائي جي لاءِ ملڪ جي اعليٰ ڪار??با??ي ادارن کي ايڪسيلينس ايوارڊز ڏيڻ تي ايف پي سي سي آءِ کي ساراهيو. هن ايف پي سي سي آءِ تي زور ڏنو ته هو اهڙيون پاليسيون تيار ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو قيمتي ان پٽ فراهم ڪري جيڪو روانگي واپار کي فروغ ڏي ۽ ملڪي صنعتن جي حوصلا افزائي ڪري. ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ ??يو ته معاشي چئلينجز کي موقعن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. گروپ ليڊر ايف پي سي سي آءِ ڊاڪٽر گوهر اعجاز ??يو ته ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي. هن ??يو ته واپاري برادري ملڪي روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صدر 12 هين ايف پي سي سي آءِ ايڪسيلينس ايوارڊز به بزنس ڪميونٽي جي ميمبرن ۾ انهن جي شاندار ڪارڪردگي ۽ معيشت ۾ حصيداري تي ورهايا.