اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچ?? تي شڪر ادا ڪندي ??يو آهي ت?? آءِ ايم ايف پروگرام ج??ري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم مهانگائي جي سيپٽمبر مهيني ۾ ساليانو شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم جي پذيرائي ڪئي آهي. آگسٽ 2024ع ۾ 34 مهينن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي آئي، سيپٽمبر 2024ع ۾ گذريل 44 مهينن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب الله جي فضل ۽ ڪرم سان عوام سان ڪيل وچن جي پاسد??ري ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته مهانگائي جي شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ سان عام ماڻهو کي ريليف ملندو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ پڻ لاڳيتو گهٽتائي سان عوام کي ريليف ملي رهيو آهي. هن ??يو ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪاروب??ري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025ع تائين 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف جو 2024ع ۾ ئي حاصل ٿيڻ ساراهه جوڳو آهي. هن ??يو ته پهرين ڏينهن کان عوامي ريليف جي لاءِ قدمن کي اولين ترجيح بڻايو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جي خواهش ڪندڙن جو منصوبو ناڪام ٿيو، پوري قوم گذريل سالن ۾ هڪ گروهه جي نااهلي جي ڪري مشڪلاتون ڏٺيون، ملڪي معيشت مستحڪم، سفارتي لاڳاپا مضبوط ۽ عام ماڻهو جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام ج??ري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان جي ترقي جو سفر 2018ع ۾ جتي بيٺو هو، اتان ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي.