نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل جي و??ند?? جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آ??ي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري جنگبندي ۽ ٻه رياس??ي حل کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ تاريخ جو بدترين ظلم جاري آهي، اسرائيل جو بي??وت تي فضائي حملو جنهن ۾ حزب الله جو هڪ سينيئر ڪماندڙ شهيد ٿي ويو، اهو دنيا جي لاءِ تباهي آڻيندڙ هو، اسان اسرائيلي قدم جي مذ۾ت ڪريون ٿا ۽ عالمي سطح تي به اسرائيلي ظلمن جي مذمت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل جو بي??وت ??ي حملو پرامن دنيا جي لاءِ تباهي ثابت ٿيندو، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري جنگبندي ۽ ٻه رياس??ي حل کانسواءِ ڪو چارو نه آهي ۽ اسان فوري جنگبندي چاهيون ٿا.