اسلا?? آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته موذي مرضن ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج نه ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت ملڪ جي مذهبي معاملن واري وزا??ت کي حج 2025ع بابت ايڊوائيزري موڪلي آهي جنهن موجب مو??ي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج ??اء?? روانو نه ٿي سگهندا. جاري ڪيل حج ايڊوائيزري موجب موسم جي شدت کي نظر ۾ رک??دي صرف صحتمند ماڻهن کي حج ??اء?? سفر جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته گڙدن، دل، ڦڦڙن ۽ ڪينسر جهڙين بيمارين سميت ٻين مو??ي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ ڳورهارين عورتن کي حج ??اء?? سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. ترجمان موجب حج ??اء?? گردن ٽوڙ بخار، ڪورونا، موسمياتي انفلوئنزا ۽ پوليو ويڪسين لڳائڻ لازمي هوندي.