اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي مو??يٰ خيل ۾ مسافرن جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر چيو ته بيگناهه انسانن جو ظالماڻو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، دهشتگرد ملڪ ۽ ق??م ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هن چ??و ته معصوم شهرين جي انسانيت س??ز قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو پوندو. صدر دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم ۽ واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.