اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي استور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان ??تاثر سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ فوري ايڪشن وٺي ڇڏيو ۽ ٻوڏ ريلي کان ??تاثر علائقي ۾ غيرملڪي سياحن جي محفوظ هجڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رک??دڙ هڪ سياح محفوظ ۽ متاثر علائقي کان ??ري آهن، فينه پُل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي لاءِ تيار آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.