اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مستونگ ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ذريعي ٽن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ ??ي سيڪيورٽي فورسز کي خراج ??حسين پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي ??ي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، شرپسند ڌريون ملڪ ۾ امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، دهشتگردي ذريعي ملڪ ۾ بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي سخ??ي سان منهن ڏنو ويندو. اسپيڪر ??اڪ فوج پاران ملڪ مان دهشتگردي ??ي خات??ي جي عزم کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ فوج جو دهشتگردي ??ي خاتمي لاءِ عزم واکاڻ جوڳو آهي.