اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) پيس اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن جي سربراهه ۽ حريت اڳواڻ ياسمين ملڪ جي گهر واري مشعال ملڪ ??يو آهي، ته ڀارت طرفان سمورو ڏاڍ ۽ جبر ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي هڪ طرفي قدم باوجود ڪشميرين جي پنهنجي جائز خوداراديت واري حق لاءِ جدوجهد جاري آهي، ۽ انهن جي حريت واري جذبي ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، دنيا کي آر ايس ايس جهڙين دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لاڳو ڪرڻ گهرجي، ڪشمير ۽ فلسطين جي تڪرارن جو پرامن حل نه نڪتو ته فلسطين وانگر ڪشمير ۾ به هڪ ڀيرو ٻيهر هٿياربند جدوجهد شروع ٿي سگهي ٿي، جنهن سان دنيا جي امن کي خطرو درپيش ٿيندو، ڀارت سان جڏهن به پاڪستان ڪا ڳالهه ڪ??دو ته هو حريت قيادت کي ان ۾ شامل ڪندو، ان کان سواءِ ??نه?? سان به ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي. ريڊيو پاڪستان کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ??يو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن تي عالمي سطح تي ۽ خود ڀارت ۾ ان تي تمام گهڻيون ڳالهيون ٿيون آهن، انهن قدمن جي آڙ ۾ جهڙي ريت رٽائرڊ آرمي آفيسرن سميت غير رياستي شهرين کي ڪشمير ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، اتي ڪارو قانون لاڳو آهي، هي قدم ڪشمير تي غيرقانوني قبضو وڌائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن، ڪشمير مان گرفتار ٿيل کي هاڻي ڀارت جي ??نه?? به جيل ۾ رکيو پيو وڃي، ڀارتي سمورن قدمن باوجود ڪشميرين جي حريت واري جذبي ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، جبر ۽ قبضي جا بيشمار قدم کڻڻ، ڪشمير جي ايراضي غير ڪشميرين کي ليز تي ڏيڻ ۽ حالتون معمول تي اچڻ جو غلط تاثر ڏيڻ باوجود ڪشمير ۾ منعقد ٿيل سمٽ ۾ ڪو خاص مقصد حاصل نه ڪ??و ويو. هن ??يو ته ڪشميرين ڀارتي قدمن کي ڏسندي ذهني طور پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري رکيو آهي. هن ??يو ته 5 آگسٽ کان پوءِ مذهبي هنڌن، سياحتي ماڳن، ۽ ٻيلن جي ايراضي جو سڌي ريت ڪنٽرول نئين دهلي سرڪار پنهنجي هٿ ۾ ک??يو آهي، اتي چانورن جي پوکي وارن علائقن جو ڪنٽرول به ڀارتين کي ڏنو ويو آهي، نوڪرين ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪشميرين کي ڪوٽا کان محروم رکيو پيو وڃي، ڪشميرين جا بئنڪ اڪائونٽ سيل ڪيا ويا آهن، انهن جا سفري دستاويز ضبط ڪيا پيا وڃن، جيڪو افسوسناڪ آهي جڏهن ته قابضن لاءِ ان ۾ افسوس جي ڪا به ڳالهه ناهي، ڀارتي آئين، قانونن ۽ عالمي قانونن جون به ڪشمير ۾ سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. هن ??يو ته ڪشميرين آر ايس ايس وانگر ڪڏهن به ڪشمير ۾ سياحت جي غرض سان آيلن تي حملو نه ڪ??و، ڀارت مذهبي انتهاپسندي جي ڪارڊ کي استعمال ڪري ڪشمير ۾ مذهبي جهيڙا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، جڏهن ته ان جي جواب ?? ڪشميرين ڪڏهن به ان جو جواب نه ڏنو. مشعال ملڪ ??يو ته ڪشمير مان صوف جي پيداوار کي اتان کان ٻين علائقن ڏانهن موڪلڻ کان روڪيو ويو ته ڪشميرين جو مالي نقصان ٿيندو، 5 سالن ۾ ڀارتي حڪومت ڪشمير مخالف اهڙا قدم کنيا آهن. هڪ سوال جي جواب ?? هن ??يو ته محبوبه مفتي جي خاندان هميشه ڀارتي وارثت کي اڳتي وڌايو، ڪشمير کي يونين ٽريٽري بنائڻ جي قدمن سان پرجوش هندن کي هاڻي مايوسي ٿي آهي، ڀارت پنهنجي بقا لاءِ پوئتي هٽي رهيو آهي، محبوبه مفتي ۽ عبدالله فئملي سميت ڀارت جي همدردي رکندڙ قيادت کي انهن جي خواهش تي گهرن ۾ نظربند رکيو ويو جڏهن ته ڀارت مخالف ڪشميري اڳواڻن تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن. سيد علي گيلاني جي تدفين ڪرڻ نه ڏني وئي، ياسين ملڪ کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. هن ??يو ته هاڻوڪي اليڪشن ۾ ڪشميرين ڀارت جي حمايت ڪندڙ قيادت کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي بقا لاءِ هي خاندان وقت بوقت اهڙا قدم کڻندا رهن ٿا. هن ??يو ته ايوڌيا مندر جي تعمير وانگر هن 5 آگسٽ جو قدم به کنيو، ته ان مان سياسي فائدو کڻي سگهجي پر اهي بري طرح ناڪام رهيا. هن هڪ سوال جي جواب ?? ??يو ته ڀارت سان جڏهن به پاڪستان ڪا ڳالهه ڪ??دو ته هو حريت قيادت کي به ان ۾ شامل ڪندو، ان کان سواءِ ??نه?? سان به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. ڀارت طرفان انتهاپسند قدم کڻڻ کان پوءِ هاڻي نام نهاد سافٽ ڪارنر جو تاثر ڏيڻ هر جاءِ تي ڊسڪس ٿي رهيو آهي ۽ کين انهن قدمن مان ڇا حاصل يو، ان جا سمورا منصوبا ناڪام ٿيا. هن ??يو ته عوام جي اڪثريت جي آواز کي د??ائڻ ۽ انهن جي خواهشن جو احترام نه ڪري کنيل ظالماڻا قدم اهڙي ريت رد ٿي وڃن ٿا. اهڙي طرح جا قدم ڀارت جي نام نهاد سيڪيولر ازم جي نعري تي به سواليا نشان آهن. هن ??يو ته جيڪڏهن هي امن طرف نه ويندا ۽ سياسي آوازن کي د??ائيندا رهندا ته ان جا نتيجا هٿياربند جدوجهد جهڙا ئي نڪرندا. ماضي جي ڀيٽ ۾ هن وقت حالتون انتهائي خراب آهن، جيڪڏهن هٿياربند جدوجهد شروع ٿي ته پوءِ واپسي نه ٿيندي، پوءِ هن خطي ۾ رتوڇاڻ ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ?? هن ??يو ته 5 آگسٽ کان پوءِ اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي حوالي سان قانونسازي به ڪئي وئي، ڀارت طرفان کنيل قدمن سان آر ايس ايس ۽ هندو پرست نظرين کي هٿي ملي ۽ انهن جو دائرو پوري ملڪ تائين پکڙجي چڪو آهي. اتي امن چاهيندڙن کي د??وار سان لڳايو پيو وڃي. انهن قدمن سبب ڀارت بري طرح ڦاسي چڪو آهي. هڪ سوال جي جواب ?? هن ??يو ته دنيا جي راءِ هاڻي انساني حقن جي حوالي سان بدلجي چڪي آهي. فلسطين ۾ هاڻوڪي ڏاڍ خلاف دنيا ۾ احتجاج ڏسڻ ۾ آيا، قابضن خلاف دنيا ۾ هاڻي آواز اٿي رهيا آهن. فلسطين جي حق ۾ خود آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ آواز اٿي رهيا آهن، جيڪڏهن هن طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته ان سان وڏيون جنگيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيوته هندستان جا پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا به تڪرارن جي ور چڙهي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ?? هن ??يو ته انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڪشمير جي هاڻوڪن واقعن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيون ويٺيون آهن ته هتي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. فلسطين ۽ ڪشمير تڪرارن کي عالمي امن جي روشني ۾ جيڪڏهن دنيا سامهون پيش ڪيو وڃي، ته اهو اهم رهندو. اسماعيل هانيه جي شهادت افسوسناڪ آهي، پرائيويٽ مليشيا ۽ جٿن سان دنيا جي هر ملڪ کي خطرا پيدا ٿيا آهن، انهن جٿن ذريعي هاڻي قاتلانه حملا ڪيا پيا وڃن. انهن جي حمايت جا خوفناڪ نتيجا نڪرندا، آر ايس ايس سڄي د??يا ۾ ڪارروائيون ڪري رهي آهي. هن ??يو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي جنگ جي فيصلي جو وقت اچي چڪو آهي، ڪينيڊا ۾ انڊين ايجنٽن هرديپ سنگهه کي قتل ڪيو، ڪشميري اڳواڻن کي هدف بڻايو ويو، جيڪڏهن آر ايس ايس جهڙين انتهاپسند تنظيمن کي عالمي پابندين ۾ نه آندو ويو ته ان ۾ تمام گهڻي د??ر ٿي ويندي ۽ دنيا جي امن کي خطرا پيدا ٿيندا. هن ??يو ته اهڙين تنظيمن تي ايف اي ٽي ايف جي پليٽ فارم تان دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ گهرجي.