اسلام آب??د ?? 24 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 196 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي سنڌ ها??ِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس محمد شفيع صديقي جي سنڌ ها??ِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏني آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب جسٽس محمد شفيع صديقي پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ جي تاريخ کان ۽ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي ذريعي باقاعده چيف جسٽس ج?? مقرري تائين سنڌ ها??ِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو.