اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت تماڪ جي اس??عمال کي رو??ڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن، ملڪ مان تماڪ جي واهپي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ تماڪ جي پيداوار ۽ اس??عمال کي گهٽ ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تماڪ جي واهپي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته تماڪ جي واهپي جي خاتمي جو عالمي ڏينهن اس??ن سڀني جي لاءِ عوامي صحت تي تماڪ جي واهپي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن بابت هڪ ياد ڏياري ٿو، تماڪ جي واهپي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي هن سال جو موضوع ”تماڪ جي صنعت جي اثرن کان ٻارن جو تحفظ“ آهي جيڪو تماڪ واپرائڻ ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائي اس??ن جي ايندڙ نسلن ??ي تحفظ فراهم ڪرڻ تي مرڪوز آهي. هن چيو ته تماڪ واپرائڻ نه رڳو انهن انهن ماڻهن جي صحت تي اثرانداز ٿئي ٿي جيڪي ان کي اس??عمال ڪن ٿا پر اهو تماڪ واپرائيندڙن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن جي صحت جي لاءِ پڻ نقصانڪار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي انهن 15 ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهو تماڪ واپرائڻ کان متاثر آهن ۽ تماڪ واپرائڻ جي ڪري ڪينسر، دل جي مرضن، ذيابيطس ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، حڪومت تماڪ جي اس??عمال کي رو??ڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن جن ۾ سگريٽ جي دٻين تي تماڪ واپرائڻ جي صحت تي مضر اثرن بابت وارننگز لڳائڻ، کليل سگريٽن جي وڪري تي پابندي، پوائنٽ آف سيل تي سگريٽ جي اشتهارن تي پابند?? ۽ ??ماڪ تي ٽيڪس ۾ اضافو شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان مان تماڪ واپرائڻ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ تماڪ جي پيداوار ۽ اس??عمال ٻنهي کي گهٽ ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان تماڪ جي اس??عمال جي حوصلا شڪني جي لاءِ سگريٽ تي اس??ن ٽيڪس کي 150 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو آهي. وڌيڪ اهو ته تماڪ ۽ سگريٽ جي هر قسم جي تشهير بشمول قومي ٽي وي، ريڊيو، پرنٽ ميڊيا، بل بورڊز، پوائنٽ آف سيل ايڊورٽائيزنگ ممنوع آهي، سگريٽ ڪمپنين جي اسپانسرشپ ۽ اهڙي طرح جي اسپانسرشپ جي تشهير تي پڻ پابنديون هنيون آهن. هن چيو ته آئون سول سوسائٽي، پيشيواراڻي تنظيمن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي اس??ن جي معاشري مان ان لعنت جي خاتمي جي لاءِ اس??ن جي قومي ڪوششن ۾ تعاون ڪن، تماڪ واپرائڻ کي رد ڪري اس??ن هڪ صحتمند ۽ وڌيڪ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ”سگريٽ ڇڪڻ کي نه“ چوڻ جو عزم ڪريون ۽ تماڪ کان پاڪ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.