اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفي?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ڳالهين ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر پاڪستاني ??فد جي قيادت ڪندو جڏهن ته تنزانيه جي ??فد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۽ اوڀر آفريقي تعاون جي ڊائريڪٽر ايشيا سالواتور ايمبيليني ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ تنزانيه جي و?? ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌ?? ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آه??. تنزانيه آفريقي کنڊ ۾ پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آه??. ٻطرفي سياسي مشاورت جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اسان جي گڏيل خواهش کي نظر ۾ رکندي ٿي آه??. هن چيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت پاڪستان ۽ تنزانيه جي و?? ۾ مشغوليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم اداراجاتي فريم ورڪ طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، تعاون جون نيون راهون ڳولينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.