اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) شريف ۽ زرداري خاندان سميت ملڪ جي ڪيترن ئي اهم سياستدان جا رت جا رشيدار اڄ خميس ڏينهن ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تان اميدوار آهن. مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ٻه پٽ، اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس ٻه پٽ، پنجاب جو اڳوڻو گورنر مخدوم سيد احمد محمود جا ٽي پٽ عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. تفصيلن موجب اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لا??ور تان اميدوار آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ مريم نواز شريف لا??ور مان ??ومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 تان اميدوار آهي. اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 123 لا??ور ۽ اين اي 132 قصور تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته سندس پٽ حمزه شهباز شريف لا??ور مان ??ومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 118 تان اميدوار آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 شهيد بينظير آباد تان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين اي 127 لاهور، اين اي 194 لاڙڪاڻو ۽ اين اي 196 شهدادڪوٽ تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 148 ملتان تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي جڏهن ته سندس پٽ سيد علي موسيٰ گيلا??ي اين اي 151 ملتان ۽ عبدالقادر گيلا??ي اين اي 152 ملتان ??ان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ??ومي اسيمبلي جي ٻن تڪن اين اي 44 ڊيره اسماعيل خان ۽ اين اي 265 پشين مان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ مولانا اسعد محمود اين اي 43 ٽانڪ ۽ ٻيو پٽ اسجد محمود اين اي 41 لک مروت تان اميدوار آهن. پنجاب جي اڳوڻي گورنر سيد احمد محمود جا پٽ مرتضيٰ محمود اين اي 169 رحيم يار خان، اين اي 173 رحيم يار خان تان سيد مصطفيٰ محمود ۽ اين اي 174 رحيم يار خان تان عثمان ??حمود چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پنجاب جو اڳوڻو گورنر ذوالفقار خان کوسو جو پٽ دوست محمد خان کوسو اين اي 185 ۽ 186 جڏهن ته سندس پٽ سيف الدين ??وس?? اين اي 184 ڊيره غازي خان تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قصور مان اين اي 134 تان رانا محمد حيات ۽ اين اي 135 تان رانا محمد اسحاق چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جيڪي ٻئي سڳا ڀائر آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 150 ملتان تان اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو پٽ زين قريشي جڏهن ته اين اي 151 ملتان تان سندس ڌيءَ مهر بانو قريشي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين 94 چنيوٽ تان ??يصر احمد شيخ جڏهن ته اين اي 237 ڪرا??ي ايسٽ تان سندس پٽ ريحان ??يصر احمد شيخ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 62 گجرات تان ??وسيٰ الاهي ۽ اين اي 63 تان حسين الاهي اميدوار آهن جيڪي چوڌري وجاهت حسين جا پٽ آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 49 اٽڪ تان ??يجر (ر) طاهر صادق اميدوار آهي جڏهن ته اين اي 50 تان سندس ڌيءَ ايمان طاهر چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 43 ٽانڪ ۽ اين اي 41 لڪي مروت تان ترتيبوار انور سيف الله ۽ سليم سيف الله خان اميدوار آهن جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن. ان کانسواءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي اميدوار پاڻ ۾ رت جا رشتيدار آهن.