اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملا??ات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملا??ات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران و??اقي وزير سان ڳال??ه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معامل?? پڻ حل ڪيو ويندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظم گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ملا??ات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ملا??ات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳال??ه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.