اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو، تعليمي شعبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ا??تع??ال سان خرچ گهٽ ٿيندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي تعليمي معيار برقرار رکڻ سان گڏ شاگردن جي انگ ۾ اضافوڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، اسڪول نه ٿي و??ي سگهندڙ ٻارن جي تعليم جي ل??ءِ هزارين نوان اسڪول گهربل هوندا، ٻارن جي تعليم، خواندگي و??ائڻ جي ل??ءِ مسجدن کي تعليمي مرڪزن طور ا??تع??ال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خواندگي جي شرح کي و??ائڻ جي ل??ءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو ا??تع??ال وڌائڻو پوندو. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ڪ شمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ معياري تعليم ۽ خواندگي جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرم??ن سيد طفيل حسين بخاري ۽ فائونڊيشن جو چيئرمين مظفر محمد قريشي پڻ شريڪ هئا. وفد ٻڌايو ته فائونڊيشن پنجاب ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٽي اسڪول ۽ استادن جو تربيتي ڪاليج هلائي رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد تعليم جو فروپغ، نوجوان شهرين جي ڪردار سازي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ تعليم جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.