برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني ٽئين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي برسلز ۾ هسپانوي پرڏيهي وزير جوز مينوئل الباريس بوينو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻ??هي پرڏيهي وزير?? پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ رابطن ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. هنن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل موقف جي ضرورت تي زور ڏنو.