ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات، سيرپڪاري سميت مضبوط اقتصادي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ ولي عه?? شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران و??ير??عظم ڪويت سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران و??ير??عظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي فورزم تي ويجهي ??عاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن صحت، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ??رتي تي ڪويت جي قدمن کي ساراهيو. ڪويت جي ولي عه?? پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نگران و??ير??عظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي ??نهن جو بنيادي مقصد ڇهن ڏهاڪن کان ٻنهي ملڪن جي ??ڏيل لاڳاپن کي اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ??ي صحيحون ڪيون پيون وڃن.