اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل ع??اس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، ايوان صدر مان فلسطين بابت جا??ي ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيهي وزارت پاران وضاحت ??ئي وئي هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر جي فلسطين جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايوان صدر پاران جا??ي ٿيندڙ بيان بابت سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني چيو ته ايوان صدر مان صدر جو جيڪو بيان جا??ي ڪيو ويو ان ۾ پرڏيهي وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳالهه ??ئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه رياستي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏيل قومن جي ??را??داد 242 ۽ او آءِ سي جُون ??را??دادون آهن. جڏهن صدر جو بيان جا??ي ٿيو ته اسان کي به هڪ وضاحت جا??ي ڪرڻي پئي ۽ اها وضاحت اسان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ان وضاحت کي نه رڳو ملڪي پر غيرملڪي ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.