بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بيلٽ ??ينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) ترقي ۽ خوشحالي ۽ خطي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي، سي ??يڪ بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي، پاڪستان ۾ سي ??يڪ ?? ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو، دنيا کي ماحولياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ وبائن جو چئلينج درپيش آهي، گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن ۾ ئي انسانيت جي ڀلائي آهي. ٽئين بيلٽ ??ينڊ روڊ جي اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندي هن چ??و ته بي آر آئي فورم ۾ شرڪت تي تمام گهڻي خوشي آهي. بيلٽ ??ينڊ روڊ جي تصور تي صدر شي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بي آر آئي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي، بي آر آئي ۽ سي ??يڪ کي 10 سال مڪمل ٿي چڪا آهن. عوامي سطح تي رابطن ۽ معاشي ترقي کي بي آر آئي سان فروغ مليو آهي. هن چ??و ته ٺوس رابطنا ئي عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجن ٿا. هن چ??و ته چين جي ترقياتي ماڊلز کان تمام گهڻو متاثر آهيون، دنيا کي ماحولياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ وبائن جا چئلينج درپيش آهن. ٽرانسپورٽيشن، توانائي ۽ ڊيجيٽل فرق جي خاتمي لاءِ عالمي سيڙپڪاري ضروري آهي. هن چ??و ته 2013ع ۾ پاڪستان ۾ بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي سي ??يڪ جي شروعات ٿي. سي ??يڪ تحت 25 ارب ڊالر جا 50 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن، سي ??يڪ منصوبن سان پاڪستان ۾ 8 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ 10 هزار ميگاواٽ جا منصوبا پڄاڻي هيٺ آهن. هن چ??و ته گوادر م عالمي ايئرپورٽ جلد فعال ٿي ويندو. ٺوس سڌاراجاتي رابطن جي ذريعي زراعت ۽ صنعت ترقي ڪندي. هن چ??و ته ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ تي چيني قيادت خراج تحسين جي مستحق آهي. پاڪستان سي ??يڪ ?? ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو.