اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊيجيٽل ميڊيا کي جاري اشتهارن جي مد ۾ ادائيگين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. اطلاعات واري وزارت جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 53 هزار 713 رپ??ا، جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين اشتهارن جي مد ۾ 2 ارب 93 ڪروڙ رپ??ن جون ادائيگيون ڪيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين وفاقي وزارتن ۽ کاتن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپ??ن جون ادائيگيون ڪيون. اطلاعات واري وزارت پاران جاري بيان موجب آبادگار پئڪيج، يوٿ پروگرام، بي آءِ ايس پي، قومي ڏينهن ۽ غيرملڪي دور?? بابت ميڊيا مهمون پڻ هلايون وڃن ٿيون. اطلاعات واري وزارت پاران ڪلاسيفائيڊ ۽ انهن ڪلاسيفائيڊ (ڊسپلي) ڪيٽيگريز ۾ اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات واري وزارت چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ 437 وفاقي کاتن ۽ ادارن جي اشتهارن جي بلن جي ادائيگي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين پي ٽي آءِ حڪومت جي جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 713 رپ??ن جون ادائيگيون ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين اطلاعات واري وزارت جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ 2 ارب 93 ڪروڙ رپ??ن جون ادائيگيون ڪيون. اهڙي طرح جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ وفاقي وزارتن ۽ کاتن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپ??ا اشتهارن جي مد ۾ ادا ڪيا. بيان ۾ چيو ويو ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊيجيٽل ميڊيا، آئوٽ ڊور ميڊيا پاران پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ اطلاعات واري وزارت کي 2 ارب 74 ڪروڙ 11 لک 4 هزار 91 رپ??ن جا بل مليا، اه?? بل جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ مليا جڏهن ته انهن بلن جي مد ۾ 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 713 رپ??ن جون ادائيگيون ڪيون ??يو??. اهڙي طرح جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي اشتهارن جي مد ۾ 3 ارب 97 ڪروڙ 25 لک 55 هزار 654 رپ??ن جا بل مليا، انهن بلن تحت 2 ارب 93 ڪروڙ رپ??ن جون ادائيگيون ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين ٻين وفاقي وزارتن/ کاتن ۽ ادارن جي اشتهاري مهم جي لاءِ 1 ارب 86 ڪروڙ 21 لک 46 هزار 890 رپ??ن جا بل مليا ۽ 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپ??ن جون ادائيگيون ڪيون ??يو??. اطلاعات واري وزارت چيو ته اه?? سمورا انگ اکر پبلڪ ڊومين ۾ موجود آهن.