اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪمانڊر (ر) عابد حسين خان ??ي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سندس پٽ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان ??ان ??عزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هن گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي والدين ۽ گهرڀاتين سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان گڏ تع??يت جي لاءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ??حيثيت قوم شهيدن جا مقروض آهيون، الله تع??ليٰ شهيد جا درجا ب??ند فرمائي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.