اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري آپريشن جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال قطعي طور تي اسمگلنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي ل??ءِ استعمال ٿيندڙ گودامن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ کنڊ، ڪڻڪ، اٽي ۽ يوريا جي اسمگلنگ جي روڪ??ام ل??ءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وزيراعظم کي صوبن جي وچ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر اسمگلنگ جي روڪ??ام ل??ءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يوريا ڀاڻ ۽ کنڊ جي اسمگلنگ جي روڪ??ام ل??ءِ ملڪ گير آپريشن جاري آهي، ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گذريل ڏينهن 49 ٽرڪ پڪڙيا ويا جڏهن ته ايف سي به هزارين ٽن يوريا ۽ کنڊ اسمگل ڪر?? جي ڪوشش ناڪام بڻائي شيون پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آهن، سرحد پار اسمگلنگ جي روڪ?? جي ل??ءِ جوائنٽ پيٽرولگن ٽيمز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جڏهن ته انٽيلي جنس ايجنسين جي نشاندهي تي بلوچستان ۾ چار جوائنٽ پيٽرولنگ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ايف بي آر گڏجي ڪم ڪندا. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي انهن چيڪ پوسٽن جي انگ ۾ اضافي جي هد??يت جاري ڪئي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت ڪڻڪ، اٽي، کنڊ ۽ يوريا کي آئٽمز قرار ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم اسمگلنگ جي روڪ??ام ل??ءِ اسپارڪو کي ملڪي سرحدن جي ريئل ٽائيم سيٽلائيٽ اميجري ۽ اچ وڃ جي ڊيٽا جي فراهمي جي پڻ هد??يت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سرحدي ضلعن ۾ گودامن جي نشاندهي سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي ناڪام ڪوششن ۾ پڪڙي ويندڙ سين سان ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تحت ڊيلرن ۽ سهولتڪارن تائين پهتو پيو وڃي. اجلاس کي اسمگلنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسرن جي نالن جي تيار ٿيل فهرست بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ حساس ادارن جي نمائندن ٻڌايو ته نه رڳو اسمگلنگ شين ۽ انهن جي رستن جي نشاندهي سان گڏوگڏ ملوث ماڻهن جو تعين ڪيو ويو آهي پر ان جي خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي پئي وڃي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پوري ملڪ ۾ سرحدي ضلعن ۾ ذخيره اندوزي جي ل??ءِ استعمال ٿيندڙ 740 گودامن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، گذريل چار ڏينهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران مختلف ڪاررواين دوران 2800 ميٽرڪ ٽن کنڊ ۽ 1400 ميٽرڪ ٽن يوريا ضبط ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيف سيڪريٽري پنجاب کي هد??يت ئي ته اها تازو ئي اسمگلنگ جي ناڪام ڪوششن ۾ پڪڙي ويندڙ کنڊ کي دڪاندارن کي فراهم ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اهي حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن يعني 95 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪن. وزيراعظم غذائي تحفظ واري وفاقي وزير کي هد??يت ڪئي ته اڄ ئي شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس گهرائي ڪمند جي فصل جي امدادي قيمت جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي سختي سان عملدرآمد ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ ۽ هڪ ڏورس ٺوس حڪمت عملي پيش ڪر?? جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان ضرورت جي شين جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ ڪنهن به صورت ۾ ق??ول نه آهي. هن هد??يت ڪئي ته اسمگلنگ جي ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري آپريشن ڪيو وڃي، اسمگلنگ جي روڪ??ام ل??ءِ حڪمت عملي ٻن ڏينهن جي اندر پيش ڪئي وڃي، اسمگلنگ ڪنهن به معاشري جي ل??ءِ ناسور جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان موجوده معاشي صورتحال ۾ قطعي طور تي اسمگلنگ برداشت نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم اسمگلنگ روڪ?? جي حوالي سان سستي سان ڪم وٺڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ چيڪ پوسٽن جو انگ وڌايو وڃي. هن هد??يت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي ل??ءِ استعمال ٿيندڙ گودامن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته عالمي بارڊر تي بهترين شهرت جا ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، ڪرپٽ ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن کي هٽائڻ وقت ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ق??ول نه ڪيو وڃي. هن هد??يت ڪئي ته اسمگلنگ جي روڪ??ام ل??ءِ ضروري قانونسازي جي ل??ءِ مسودو جلد پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته اينٽي اسمگلنگ ڪورٽس کي فوري طور تي فعال ۽ موثر بڻايو وڃي. هن هد??يت ڪئي ته اينٽي اسمگلنگ ڪورٽس جي انگ ۾ اضافو ڪيو وڃي، اينٽي اسمگلنگ ڪورٽس ۾ اعليٰ شهرت يافته ججز سان گڏوگڏ پراسڪيوٽرز جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي قرار واقعي سزا ڏينداسين. هن هد??يت ڪئي ته چيف سيڪريٽري صوبن جي سرحدي ضلعن ۾ انهن شين جي طلب جا انگ اکر فراهم ڪن ته جيئن انهن ضلعن ۾ پهچ ان حد کان مٿي نه وڃي. هن هد??يت ڪئي ته اسمگلنگ جي روڪ??ام جي آپريشن دوران پڪڙي ويندڙ کنڊ ۽ يوريا کي بازار ۾ حڪومت جي مقرر ٿيل اگهن تي وڪرو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مخدوم مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ آفيسرن جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز پن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.