ل??هو?? – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ل??هو?? ۾ بيديان روڊ تي قائم اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو. وزيراعظم مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن کان انهن جي مسئلن ب??بت پڇيو ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام کي مفت اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام تحت هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا 3 ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن ۽ اتي جي ورڇ جو اهو سلسلو 25 رمضان تائين جاري رهندو. ياد رهي ته عوامي ??ڪا??تن جي ازالي لاءِ ??ڪا??ت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.