اسل??م آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليزلي اسڪينلون م??اقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پ??ڏيهي وزارت اسل??م آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? ڪئناڊا سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ هن پاڪستان مان افرادي قوت ڪئناڊا کي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ اميد جو اظهار ڪيو.