اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي هڪ فعال ميمبر طور تنظيم جي سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم جي ثقافت واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام ڀارت جي ميزباني ۾ 3 اپريل تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ثقافت وارن وزيرن جي اجلاس ۾ ور??وئل شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ??ه انجنيئر امير مقام اجلاس ۾ پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪيو ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ??ي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي فريم ور?? تحت ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي هڪ فعال ميمبر طور شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جاري رکندو ۽ ان جي نتيجن ۾ مسلسل تعاون ڪندو رهندو.