اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جهڙي طرح جو کلواڙ ڪيو پيو وڃي اهڙو ڀيانڪ منظر اڳ ۾ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ناهي آيو، سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طرح ڪيس جي ڪارروائي هلي سڀني جي سا??هون آهي، سموريون حالتون ۽ واقعا سا??هون اچي چڪا آهن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽيون مشاورت سا?? اجتماعي سوچ جي عڪاسي ڪندي ٺوس في??لا ڪنديون ۽ آئين ۽ قانون سا?? سنگين مذاق تي پنهنجو موقف قوم آڏو رکنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي اتحادي پارٽين جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم اجلاس ۾ موجود ۽ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ سمورن اڳواڻن کي ڀليڪار چيو. اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، سردار اختر مينگل وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ جي مصروفيتن جي باوجود اجلاس ۾ اڳواڻن جي شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هاڻي صحتياب آهي. هن سردار اختر مينگل جي گهرواريءَ جي صحت لاءِ پڻ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته گذريل هفتي به اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جي هڪ جامع ويهڪ ٿي هئي ۽ وڪيلن سا?? مشاورت به ٿي هئي، ڪابينا جا ٻه اجلاس پڻ ان دوران ٿيا. ان سا?? گڏوگڏ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس به ٿيا جنهن ۾ مقررين شاندار ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هر رخ تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طريقي سا?? ڪيس جي ڪارروائي هلي اهو اسان سڀني جي سا??هون آهي، ڪهڙي طرح چار ٽي جي في??لي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح ريڪيوز ٿيندڙ ججز ٻيهر بئنچ ۾ ويٺا ۽ ڪهڙي طرح جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ جي في??لي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪالهه هڪ ڇهه رڪني بئنچ ويٺي، اهي سڀ ڳالهيون قانون واري وزير بهتر طريقي سا?? اسيمبلي ۾ به ٻڌايون آهن ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن پڻ ان تي جاندار ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ قرارداد اڳ ۾ ئي منظور ٿي چڪي آهي ۽ اميد آهي ته سڀاڻي هڪ ٻي قرارداد پڻ هائوس ۾ پيش ڪئي ويندي، ان بابت قانون وارو وزير هينئر اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جو کلواڙ اڳ ۾ ڪڏهن ڏسڻ ۾ ناهي آيو، اهڙو ڀيانڪ منظر اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو ويو، ان صورتحال ۾ روزانو قانوندانن سا?? مشاورت ٿي رهي آهي، ٽي رڪني بئنچ جنهن فل ڪورٽ جي گذارش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جنهن چار ٽي جي في??لي بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي ۽ جنهن ججز جيڪي ريڪيوز ڪري چڪا هئا انهن بابت به ڪا ڳالهه نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته سياسي پارٽين کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا گذارش جي باوجود پارٽي بڻائڻ جي درخواست رد ڪئي وئي، اهي حالتون ۽ واقعا توهان جي سا??هون اچي چڪا آهن پر ڪالهه ان ٽي رڪني بئنچ جيڪو في??لو ڏنو آهي ان موجب 10 اپريل تي حڪومت کي اليڪشن جي حوالي سا?? فنڊز مهيا ڪرڻا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي 11 اپريل تي سپريم ڪورٽ ۾ فنڊز جي مڪمل يا جزوي ادائيگي جي حوالي سا?? رپورٽ پيش ڪرڻي آهي جنهن جي تفصيلن ۾ آئون هينئر نه وڃي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته ٻي ڳالهه جيڪا ان ٽي رڪني بئنچ ڪئي آهي اها اها آهي ته 17 اپريل تائين پنجاب ۾ پوليس جي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻي آهي جڏهن ته وفاق کي فوج ۽ رينجرز جي جيڪا سيڪيورٽي مهيا ڪرڻي آهي ان حوالي سا?? 17 اپريل تائين حتمي رپورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر ذريعي پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي چونڊن جي حوالي سا?? في??لي ۾ ٽي رڪني بئنچ چيو آهي ته ان حوالي سا?? لاڳاپيل ادارن سا?? رجوع ڪري سگهجي ٿو ۽ هاءِ ڪورٽ به وڃي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تفصيل سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۾ به قانون واري وزير، خواجه سعد رفيق، شيري رحمان، مولانا اسعد محمود عمده ڳالهيون ڪيون، اڄ موجوده صورتحال تي سياسي قائدين جي مشاورت جي لاءِ هي اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن اجتماعي سوچ جي عڪاسي ڪندي مشاورت سا?? ٺوس في??لا ڪري سگهجن ۽ پوري قوم کي خبر هجي ته هي جيڪو قانون ۽ آئين سا?? سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ قوم جي قسمت جو في??لو ٿيڻ وڃي رهيو آهي ان بابت حڪومتي اتحادي پارٽين جي راءِ ٺوس شڪل ۾ سا??هون اچي سگهي.