اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي ??المي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت انهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي تعليم ۽ تدريس، يونيورسٽي آف لنڊن ??ي پرووائيس چانسلر پروفيسر ميري ستياسني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن ڪم??شن پاڪستان جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پروفيسر ميري ستياسني يونيورسٽي آف لنڊن ??ي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم يونيورسٽي آف لنڊن ??ي انهن قدمن کي ??اراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي ??المي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت يونيورسٽين ۾ باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪري انهن کي ??ديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. پروفيسر ميري ستياسني جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.