اسلام آباد -05 ما??چ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو آهي جٿي هو گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ب??ان مطابق ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جو هي پنجون اجلاس آهي. ڪانفرنس 5 ما??چ کان دوحه ۾ شروع ٿي وئي آهي. قطر جي امير ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ وزيراعظمن جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم 6 ما??چ تي ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب به ڪندو.