اسلام ??باد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏن?? ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏجڻو پوندو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ۾ چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ?? ملٽري قيادت پاڪستان جي عو??م جي جان ۽ مال جي هر قيمت تي تحفظ جو وچن ورجايو آهي. هن چيو ته جيڪي به معصوم ماڻهن تي حملا ڪن ٿا انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آند?? ويندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ڏن?? ويندو. هن چيو ته گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي غور ويچار ڪي?? ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪي?? ويو ته وفاق ۽ صوبا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي به غور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪي?? ويو. جڏهن ته جاچ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپ??رٽمينٽ کي سگهارو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ميڊيا مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن ۾ عو??مي راءِ جوڙين. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪي?? ويو ته فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺاهي?? ويندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ چيو ته مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سوچيو آهي ان جي لاءِ 7 فيبروري تي اسلام ??باد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ته ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ پنهنجا ذاتي اختلاف وسارڻا پوندا.