اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اي سي او ميمبر ملڪن جي وچ ۾ رابطي، واپار ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي، اي سي او ويزن 2025ع جي حوالي سان ??نهنجي اڳڀرائي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ميمبر ملڪ موجوده عالمي اقتصادي بحران جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاليسين کي ٺوس بڻائين، سمورن ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ جي ڪري پاڪستان ۾ گليشيئر تيزي سان ??گهري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطي جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته دنيا کي معاسي، موسمياتي تبديلي ۽ اسلامو فوبيا جهڙا مسئلا درپيش آهن، هاڻي کڄندڙ قدم اسان جي مستقبل کي طئي ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو، اسان کي خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سمورن ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، دنيا کي موسمياتي تبديلين جا اثر درپيش آهن، 2022ع ۾ پاڪستان کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تازي ٻوڏ سان ??اڪستان جو 30 ارب ڊالر جو نقصان ??يو، ٻوڏ سا?? 3 ڪروڙ کان ??ڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، لکين گهر ۽ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل متاثر ٿيا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين ۽ معيشت جي بحالي اولين ترجيح آهي، سڄي دنيا ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به کان گهٽ آهي. هن آذربائيجان جي پرڏيهي وزير کي وزارتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اي سي او کي خطي ۾ هڪ اهم پليٽ فارم طور ڏسي ٿو جيڪو ميمبر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائي ٿو، اهو ميمبر ملڪن جي وچ ۾ رابطي، واپار ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. هن چيو ته پنهنجي قيام کانپوءِ کان اي سي او مسلسل ترقي ڪئي آهي ۽ اڄ هن تنظيم کي تعاون جي ٺوس فريم ورڪ، مستقبل جي حوالي سا?? ايجنڊا ۽ وڌندڙ سرگرمين افق تي فخر آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سا?? 1500 کان ??ڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا جن ۾ 400 ٻار به شامل آهن جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 33 ملين کان ??ڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا جن کي صحت ۽ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بک جو خطرو آهي. هن چيو ته ٻوڏ سا?? 10 لک گهر تباهه ۽ هڪ ملين کان ??ڌيڪ پالتو جانور مري ويا، چار ملين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، 6 مهينا گذرڻ جي باوجود ملڪ جو وڏو حصو پاڻي هيٺ آهي. هن چيو ته اي سي او جو خطو 8 ملين چورس ڪلوميٽر ۽ اڌ ارب آبادي تي ٻڌل آهي جيڪو دنيا جي آبادي جو اٽڪل 15 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان جو عالمي واپار ۾ حصو رڳو 2.2 سيڪڙو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي انٽرا ريجنل ٽريڊ خطي جي مجموعي واپار جو 8 سيڪڙو کان به گهٽ آهي جيڪو يورپي يونين جي ابتڙ آهي جتي انٽرا ريجنل ٽريڊ 70 سيڪڙو کان ??ڌيڪ آهي. هن چيو ته اي سي او واپاري معاهدو هڪ تاريخي ترجيحي واپاري انتظام آهي جنهن جو مقصد هڪ طئي ٿيل فريم ورڪ تي خطي ۾ ٽيرف کي گهٽ ڪرڻ آهي. پاڪستان ان کي جلد لاڳو ڪرڻ کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان اميد ڪريون ٿا ته اي سي او واپاري معاهدو ٽيرف جون رعايتون جلد لاڳو ٿينديون. پاڪستان اي سي او فريم ورڪ تحت واپار جي فروغ ۽ سهولتڪاري کي اعليٰ ترجيح ڏيندو رهندو. هن چيو ته اي سي او ويزن 2025ع هڪ اهم دستاويز آهي جيڪو اسلام آباد ۾ 13 هين اي سي او سربراهه اجلاس دوران اختيار ڪيو ويو جيڪو بين العلائقائي واپار کي وڌائڻ طرف اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، اسان کي اي سي او ويزن 2025ع جي حوالي سان ??نهنجي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رستي ۽ ريل جي منصوبن جي ترقي، ويزا جي نظام کي آزاد ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي ذريعي رابطي سان ??ه رڳو توانائي جي اسان جي بين العلائقائي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو پر علائقائي واپار ۾ اضافو ٿيندو، اهو اسان کي هڪ پل جي طور تي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي قابل بڻائيندو. گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم حڪمت عملي آهي جيڪا اسان جي وچ ۾ وسيع تر اقتصادي تعاون خطي ۾ امن ۽ ??ست??ڪام آڻيندو. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي استنبول – تهران – اسلام آباد (آءِ ٽي آءِ) روڊ ڪوريڊور جي آپريشنلائيزيشن سا?? گڏوگڏ ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ جي معاهدي کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ هڪ فنڊ جو قيام آهي، ٽي آئي آر سسٽم تحت پاڪستان جي نيشنل لاجسٽڪ سيل جي ٽرڪ جي ڪاميابي سا?? گڏ ايران جي رستي ڪارگو جي پهچ ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ??نهنجي ريل ۽ رستي جي بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪري رهيو آهي ته جيئن اسان جي پاڙي ۽ ان کان ??اهر سا??ان جي آساني سا?? اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ هو امن ۽ سلامتي جي قدر کي چ??ي ريت سمجهي ٿو، اسان سدائين امن ۽ ??ست??ڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان جي امن، ??ست??ڪام ۽ خوشحالي ۾ اسان جي خطي جو اهم حصو آهي، اها اسان جي انتهائي خواهش آهي ته ڀائر ملڪ افغانستان ۾ امن کي پاڙ پڪڙيندي ڏسون جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جنگ ۽ عدم ??ست??ڪام جي ڪري نقصان کڻي رهيو آهي. افغانستان ۾ امن ۽ ??ست??ڪام کا??سو??ءِ اي سي او خطي جا مقصد ۽ خواب خواهش هوندي. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي موجوده عالمي اقتصادي بحران جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاليسين کي ٺوس بڻائين، اسان اي سي او ريجن کي هڪ خوشحال واپاري بلاڪ ۾ تبديل ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا ته جيئن خطي ۾ آزاد واپار کي فروغ ملي جيڪو عالمي امن، ??ست??ڪام ۽ خوشحالي جو عنصر بڻجندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته اي سي او جي پليٽ فارم سا?? اسان جي گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن سا?? اسان اي سي او جي خطي جي حقيقي صلاحيتن جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو.