اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آه??، پاڪستان ۽ يونان جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير محمد عامر آفتاب قريشي سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته نامزد سفير پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪ يونان واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته روايتي شعبن کانسواءِ تعاون جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۽ يونان جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نامزد سفير يونان جي بهتري?? سياحتي طريقن کي مثال بڻائي، نامزد سفير يونان ۽ پاڪستان جي سياحتي صنعتن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. صدر چيو ته يونان ۾ پاڪستان ج?? سفير پاڪستاني ڪميونٽي سان مستقل رابطو رکي، ڪونسلر خدمتن جي سلسلي ۾ انهن جا مسئلا حل ڪري، نامزد سفير پاڪستان ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ آفيس سان ويجهو رابطو پيدا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ترقي يافته ملڪ گهٽ ترقي يافته ملڪن سان غيررسمي اميگريشن روڪڻ جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آه??، هجرت ۽ لڏپلاڻ تي پاڪستان ۽ يو??پي يونين جي ڊائيلاگ سان يو??پي يونين جي ملڪن ۾ قانوني هجرت جون نيون راهون کلنديون. صدر چيو ته پاڪستان جي مهمان نوازي کي فروغ ڏئي يونان ۾ پاڪستان بابت تاثر بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بيگناهه ڪشميرين کي ڀارتي قابض فوج جي هٿان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آه??، ڀارت ۾ اقليتن کي هندو اڪثريتي آبادي پاران مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آه??، ڀارتي اقليتن جي جان ۽ مال کي خطرو آه?? ۽ عزت ۽ آبرو کي پائمال ڪيو پيو وڃي. صدر نامزد سفير کي يونان ۾ سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني.